تين سوره

تين، سورة: ’تين‘ قرآن مجيد جي 95 سورت. هن ۾ 8 آيتون آهن. هي سورت مڪي آهي. هن سورت ۾ انجير، زيتون، طورسينا ۽ امير جي شهر کي گواهه ڪري انسان کي بهترين صورت ۾ پيدا ڪرڻ جو ذڪر ڪيل آهي. هن ۾ جزا ۽ سزا جي باري ۾ به ٻڌايو ويو آهي. هن سورت ۾ الله تعاليٰ انسان کي بهترين رتبي وارو ماڻهو پيدا ڪرڻ جي شهادت ڏني آهي. هيءُ رتبو ڪنهن ٻي مخلوق کي نصيب نه آهي ۽ پوءِ ٻڌايو ويو آهي ته هنن انسانن مان ڪجهه برائيءَ طرف وڃن ٿا، جيڪي اخلاقي طور تي ايترو ته ڪري ٿا پون، جو جانورن کان به ڪريل ٿين ٿا. پر اهي ئي جيڪي نيڪيءَ جي راهه کي چونڊيندا آهن ته مخلوق ۾ وڏي مقام تي قائم ٿيندا آهن ۽ تن جي لاءِ اجرِ عظيم آهي. هيءُ خدا جو انصاف آهي ۽ اُهو سڀ کان وڏو حاڪم آهي. امام احمد، ترمذي، ابو دائود وغيره ۽ حضرت هريره رضي الله تعاليٰ عنه کان روايت آهي ته، رسول الله صلي الله عليه وسلم فرمايو، جڏهن توهان ڪو سورة التين پڙهي ۽ آخري آيت جي پڄاڻي تي پهچڻ تي چوي: ”ها! آئون هن تي گواهي ڏيڻ وارن مان آهيان. “


هن صفحي کي شيئر ڪريو